ٽي ايل پي جي حمايت ۾ تقرير ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي سمابيہ طاھر خلاف ڪيس داخل

فہرستِ مضامین

راولپنڊي پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر، سيمابيه طاهر خلاف عوام کي مذهبي بنيادن تي ڀڙڪائڻ، بدامني ۽ نفرت پکيڙڻ توڙي فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جهڙن الزام هيٺ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ان سلسلي ۾ سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته سيمابيه طاهر هڪ مذهبي جماعت (تحريڪ لبیڪ پاڪستان) جي مريدڪي ۾ ٿيندڙ احتجاج جو حوالو ڏيندي نه صرف “دهشتگردي ڪاررواين ۾ ملوث ٽي ايل پي جهڙي جماعت جي همٿ افزائي ڪئي” پر تقرير ذريعي خوف ۽ دهشت پکيڙڻ جهڙا سنگين ۽ خطري وارا جملا ڳالھائي ڏوھ ڪيا آهن.

ايف آءِ آر موجب، 14 آڪٽوبر تي راولپنڊي جي اڊياله روڊ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گڏ ٿيا ۽ انهن ‘عوامي اسيمبلي’ جي نالي سان اجتماع ڪيو.

ان اجتماع دوران سيمابيه طاهر تقرير ڪندي چيو: “جيئن توهان اسانجي ملڪ ۾ ماڻهن تي ظلم ڪيو آهي، جيئن انهن جي لاشن تي توهانجي فوجين، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن بوٽ رکي بي حرمي ڪئي آهي، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. توهان اڄ تائين پاڪستان لاءِ ڪجھ ناهي ڪيو… توهان 17 جون، 25 مئي، 26 نومبر ۽ پوءِ  سومر تي گولي ڇو هلائي.؟

ايف آءِ آر موجب، سيمابيه طاهر جي تقرير جو متن انتهائي سنگين ۽ جذباتي نوعيت جو آهي، ۽ هن ڄاڻي واڻي هڪ مذهبي جماعت جي مريدڪي ۾ ٿيندڙ پرتشدد اجتماع جو حوالو ڏئي نه صرف ٽي ايل پي جي همٿ افزائي ڪئي پر مذهبي ۽ فرقہ واراڻه نفرت ۽ تعصب کي ھٿي ڏني، جنهن سان مذهبي بنيادن تي عوام جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف وڌيڪ دهشتگردي حملن جا خدشا وڌي ويا آهن.

ايف آءِ آر ۾ سيمابيه طاهر تي وڌيڪ الزام آهي ته هن “قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوج ۽ ٻين ادارن کي عوامي نفرت ۽ ڪاوڙ جو نشانو بڻايو ۽ خاص طور فوجي جوانن کي رياست پاڪستان سان وفاداري نه ڪرڻ تي ڀڙڪايو ۽ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو.”

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں