حماس وڌيڪ چئن قيدن جا لاش واپس ڪري ڇڏيا: اسرائيلي فوج

فہرستِ مضامین

فلسطين جي ويڙھاڪ تنظيم حماس وڌيڪ چئن اسرائيلي قيدين جا لاش واپس ڪري ڇڏيا، جنھن بعد واپس ڪيل لاشن جو انگ 8 ٿي ويو، اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آھي.

اختيارين موجب حماس وٽان لاش ريڊ ڪراس وصول ڪيا ھئا جن کي اُنھن رات دير سان اسرائيلي فوج حوالي ڪيو.

ان کان اڳ اسرائيل پاران خبردار ڪيو ويو ھو تہ غزا ڏانھن ايندڙ امداد تيستائين رڪيل رھندي جيستائين حماس 28 قيدين جا لاش واپس نہ ڪندو.

فلسطيني ھٿياربند گروپ سومر ڏھاڙي 20 جيئرا ۽ 4 لاش واپس ڪيا ھئا.

رايڊ ڪراس پنھنجي بيان ۾ چيو ھو تہ اسرائيل اڱاري ڏھاڙي 45 فلسطينين جا لاش غزا واپس موڪليا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں