اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي۔
صادق آباد ٿاڻي ۾ داخل 26 نومبر ڊي چَوڪ احتجاج ڪيس ۾ دهشتگردي خلاف عدالت جي جج امجد علي شاهه عليمه خان جا ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا۔
واضح رهي ته عليمه خان تي اڄ انهي ڪيس ۾ فردِ جرم عائد ٿيڻي هئي پر هوءَ عدالت ۾ پيش نه ٿي۔ عدالت حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا ۽ حڪم ڏنو ته عليمه خان کي گرفتار ڪري سڀاڻي پيش ڪيو وڃي۔
عدالت ريمارڪس ڏنا تہ بار بار طلب ڪرڻ باوجود پيش نہ ٿيڻ عدالتي معاملن ۾ رنڊڪ وجھڻ برابر آھي، ناقابلِ ضمانت وارنٽ گرفتاري جا حڪم فوري طور تي تفتیشي آفيسر کي ڏنا وڃن۔
پوليس ذريعن موجب، پوليس ٽيم وارنٽ گرفتاري سان گڏ اڊياله جيل پهچندي، جتي عليمه خان توشه خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ موجود هوندي، ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي عليمه خان کي گرفتار ڪرڻ يا کيس عدالتي وارنٽ ڏيڻ بابت آگاھ ڪيو ويندو.