اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت درخواستن تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بئنچ ٻڌڻي ڪئي۔
جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو تہ ڪيترو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، ڇا ان جو فيصلو گذريل سال جي اثاثن جي بنياد تي ڪيو ويندو؟
فروغ نسيم دليل ڏنا تہ انڪم ٽيڪس ۾ اهو تصور آهي ته جيئن جيئن آمدني وڌندي، تيئن تيئن ٽيڪس به وڌندو، ايف بي آر جو ذهن به اهو ئي آهي ته آمدني جي حساب سان ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي۔
فروغ نسيم وڌيڪ ٻڌايو ته 1979ع جي آرڊيننس ۾ ٽيڪس جا ٻه تصور بيان ٿيل آهن، هڪ تشخيصي ٽيڪس ۽ ٻيو انڪم ٽيڪس، هن وضاحت ڪئي ته تشخيصي ٽيڪس ساليانو هوندو آهي، جڏهن ته انڪم ٽيڪس گذريل سال جي مقابلي ۾ لاڳو ڪيو ويندو آهي۔
جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته هي ڪٿي لکيل آهي ته تشخيصي ٽيڪس ڪڏهن لاڳو ٿيندو ۽ ڪڏهن نه؟”
فروغ نسيم جواب ڏنو ته آرڊيننس ۾ صاف لکيل آهي ته تشخيص هڪ سال بعد ڪئي ويندي۔
فروغ نسيم چيو ته معزز جج صاحبان آئين جا محافظ آهيو، مان پاڻ به پارليامينٽ جو حصو رهيو آهيان ۽ اتي به اهو ئي مؤقف رکندو آھيان، پارليامينٽ اعليٰ آهي پر سپريم ڪورٽ انصاف فراهم ڪندڙ ادارو آهي.
جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته “مسئلو اهو آهي ته جڏهن ڪنهن جي حق ۾ فيصلو ڏيون ٿا ته خوش ٿين ٿا، خلاف ڏيون ته ناراض ٿين ٿا۔
فروغ نسيم مسڪرائيندي چيو تہ بشر آهيون نه، حق ۾ فيصلو اچي ته خوش، خلاف اچي ته برو ٿو لڳي، جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته “ٽيڪس لاڳو ڪندي توهان ڪهڙي قسم جو انصاف اميد رکو ٿا؟”
فروغ نسيم جواب ڏنو ته آرٽيڪل 10-A قدرتي انصاف جي برابر آهي ۽ قدرتي انصاف جو مطلب صرف ٻڌڻ جو حق نه پر منصفاڻو عمل به آهي۔