اسرائيل کي خطرناڪ ھٿيار فراھم ڪرڻ جو اعتراف: غزہ مان خوفناڪ جنگ ختم ٿي چڪي آھي: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، اسرائيل کي خطرناڪ ھٿيار فراھم ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو آھي تہ غزہ مان ڊگهي ۽ خوفناڪ جنگ ختم ٿي چڪي آھي، امن معاھدي بعد يرغمالين جي واپسي سٺو سنوڻ آھي، غزہ جي ماڻھن کي ھاڻي نئين سر تعمير تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.

اسرائيلي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو تہ آمريڪا اسرائيلي کي کوڙ ڀيرا خطرناڪ ھٿيار ڏنا آھن، نيتن ياھو اھڙا ھٿيار بہ ورتا، جن بابت مونکي بہ ڄاڻ نہ ھئي.

ھن چيو تہ ھن وچ اوڀر جي تاريخي دوري جي شروعات ڪري ڇڏي آھي،جيڪا اسرائيل ۽ سموري دنيا لاءِ غير معمولي ڪاميابي آھي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ اسرائيل اھو سڀ ڪجھ حاصل ڪري ورتو آھي، جيڪو طاقت جي زور تي حاصل ڪيو ويندو آھي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ غزہ مان ڊگهي ۽ خوفناڪ جنگ ختم ٿي چڪي آھي، امن معاھدي بعد يرغمالين جي واپسي سٺو سنوڻ آھي.

ايران جِي صورتحال تي ڳالھائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ايران ايٽمي طاقت ٿيڻ جي ويجھو ھو، آمريڪا حملا ڪري ايران جي ايٽمي طاقت ختم ڪري ڇڏي، ايران جي ايٽمي ماڳن تي 14 بم ڪيرايا ويا،  ھاڻي بہ ايران سان ڳالھين لاءِ در کليل آھن.

ڊونلڊ ٽرمپ جي خطاب دوران ھڪ ميمبر فلسطينين جي حق ۾ احتجاج ڪيو، جنھن کي ٻاھر ڪڍيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں