سھيل آفريدي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير چونڊجي ويو: ”اسان  جو مينڊيٽ اسان جي مرضي، اسان جي اڪثريت اسان جي مرضي“: گنڊاپور جو خطاب

فہرستِ مضامین

پي ٽي آءِ جو سھيل آفريدي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير چونڊجي ويو آھي

سھيل آفريدي 90 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو، مخالف ڌر پاران وڏي وزير جي چونڊ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو

حڪومتي ميمبرن پاران سھيل آفريدي کي وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيو ويون

سھيل آفريدي چيو تہ مان پرچي تي وڏو وزير ناھيان بڻيو، عام ماڻھن جو نمائندو آھيان، افغان پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، اسان جي ھوندي ڪو بہ ملٽري آپريشن نٿو ڪري سگھي

مخالف ڌر خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي چونڊ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عباداللھ چيو آھي تہ وڏي وزير جي چونڊ غيرآئيني آھي، ھو ان عمل جو حصو نہ بڻجندا، علي امين گنڊاپور ھڪ نہ پر ٻہ ڀيرا استعيفيٰ ڏني، ھن وقت تائين گنڊاپور ئي وڏو وزير آھي، غيرآئيني عمل خلاف عدالت وينداسين

اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اسيمبلي ۾ خطاب ڪيو ۽ سھيل آفريدي کي پارٽي چيئرمين جي تصوير ھٿ ۾ ڏيندي چيو تہ اسان جي اڪثريت اسان جي مرضي، جمھوري عمل کي مذاق نہ بڻايو وڃي، فيصلن ۾ دير نہ ٿيڻ گھرجي

اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ باني پي ٽي آءِ جي حڪم تي استعيفيٰ ڏني آھي،صوبي جي امن امان لاءِ جدوجھد جاري رھندي، وفاقي حڪومت ٻڌي ڇڏي تہ ھاڻي گھڻو ٿي ويو، ھن صوبي لاءِ جيڪو ڪيو اھو سڀني آڏو آھي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں