غزه امن معاهدي تحت فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس 20 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسرائيل 1700 کان وڌيڪ فلسطيني قيدين جي آزادي جو عمل جاري رکيو آهي۔

عرب ميڊيا موجب، حماس اڄ مرحليوار سڀني 20 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو آهي، پهرين مرحلي ۾ 7 ۽ ٻي مرحلي ۾ 13 يرغمالين کي ڇڏيو ويو۔
اسرائيلي ميڊيا موجب، حماس اڄ 28 قيدين جا لاش پڻ اسرائيل کي واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، جڏهن ته 1700 فلسطيني قيدين کي اسرائيلي جيلن مان بسن ۾ ويهاري غزه ۽ اولهه ڪناري ڏانهن روانو ڪيو پيو وڃي۔

عرب ميڊيا موجب، اسرائيل مان آزاد ٿيندڙ فلسطيني قيدين کي ڏکڻ غزه جي النصرا اسپتال ۾ آندو ويندو جتي کين طبي مدد فراهم ڪئي ويندي۔
ٻئي پاسي مصر جي شهر شرم الشیخ ۾ اڄ غزه امن معاهدي تي دستاويزن تي رسمي طور صحيحون ڪرڻ جي تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سميت مختلف ملڪن جا سربراهه شرڪت لاءِ مصر پهچي رهيا آهن۔