پاڪستان پنھنجي سلامتي لاءِ منھن ٽوڙ جواب ڏيندو: 4 ڏھاڪن تائين افغانين جي ميزباني ڪئي، ھاڻ افغان پناھگيرن جو واپسي وڃڻ ٻنھي ملڪن جي مفاد ۾ آھي: صدر آصف زرداري

فہرستِ مضامین

صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آھي تہ پاڪستان پنھنجي قومي مفادن، علائقائي خودمختاري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ  پرعزم آھي، پاڪستان والاريل ڪشمير جي ڪنھن بہ تڪراري ۽ گمراھ ڪن موقف کي ڪڏھن بہ تسليم نہ ڪندو.

صدر آصف علي زرداري افغانستان جي جارحيت تي سخت ردعمل ظاھر ڪندي چيو آھي تہ پاڪستان ڪنھن اڳرائي جو منھن ٽوڙ  جواب ڏيندو .

صدر آصف زرداري چيو تہ  ڀارت جو ڪشمير بابت ھر غيرقانوني دعويٰ عالمي قانون ۽ يو اين ٺھرائن جي ابتڙ آھن، افغان قيادت والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي جدوجھد کان منھن ڦيري تاريخ ۽ امت سان ناانصافي ڪئي آھي.

افغانستان کان فتنہ الخوارج جا حملا گڏيل قومن جي رپورٽس مان ثابت ۽ حقيقت تي ٻڌل آھن، افغان قيادت پاڪستان مخالف دھشتگرد عنصر جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻي.

صدر آصف علي زرداري چيو فتنہ الخوارج ۽ فتنہ الھندستان خطي جي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آھن، دھشتگردي خلاف جنگ گڏيل ذميواري آھي، ڪنھن ھڪ تي ان جو بار نہ ٿو وجھي سگھجي.

پاڪستان 4 ڏھاڪن تائين افغان عوام جي ميزباني ڪري ھڪ سٺي پاڙيسري جي مثال قائم ڪئي آھي، امن جي بحالي ۽ افغان شھرين جي باعزت واپسي ٻنھي ملڪن جي مفاد ۾ آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں