مٺي: ٿر مان گھران نڪتل پريمي جوڙو سرحد پار ڪري ويو، ڀارتي پوليس ھٿان گرفتار ٿي ويو آھي.
اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ لسڙي مان 5 ڏينھن اڳ گھران نڪتل جوڙي مينا ڀيل ۽ طوطي ڀيل جي گرفتاري ڀارتي پوليس ظاھر ڪئي آھي.
ڀارتي پوليس موجب جوڙو ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن ان کي رتن پور ڳوٺ، جيڪو سرحد کان 40 ڪلوميٽر اندر آهي ۾ شڪي حالتن ۾ ڏٺو ويو
پوليس موجب، جوڙي کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ۽ جنھن دوران ناري ۽ نوجوان پاڪستان مان ڀڄي ڀارت ۾ داخل ٿيڻ جو اعتراف ڪيو.
ٻئي پاسي ٿر ۾ موجود جوڙي جي وارثن پوليس کي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي ھئي پر اُن درخواست ۾ ڇا ڄاڻايو ويو ھو ان جا تفصيل اڃا تائين سامھون ناھن آيا.
وارثن موجب ڀارتي پوليس جوڙي کي رتنپور جي علائقي کدير ٿاڻي تي قيد ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ جوڙي جي گم ٿيڻ جي وارثن پاران جھانگرو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ھئي
ڀارتي مقامي اخبار ۾ جوڙي جي خبر شايع ڪري جوڙو سرحد پار ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي
رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جھانگرو ٻڌايو ته نوجوان ۽ ناري جي 5 آڪٽوبر جي رات جو گھران نڪرڻ واري رپورٽ وارثن داخل ڪرائي ھئي پر پوليس کي جوڙو ھٿ نه اچي سگھيو ھو.