آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو غزا ۾ امن جي قيائم وارو منصوبو، حماس ۽ اسرائيل جا وفد سڌي ريت ڳالھين لاءِ مصر ۾ موجود آھن.
اسرائيلي وفد کانپوءِ حماس اڳواڻ بہ مصر جي شھر شرم الشيخ پھچي ويا آھن، مصر ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ فلسطيني ۽ اسرائيلي وفدن وچ ۾ سڌي ريت ڳالھين جي نئين دور جي شروعات جو مقصد غزا ۾ جنگبندي جي امن معاھدي جي تفصيل طئي ڪرڻ آھي.
فلسطيني ۽ مصري اھلڪارن ٻڌايو تہ اجلاسن ۾ شرط طئي ڪرڻا آھن تہ جيئن سمورن اسرائيلي يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين جي ھڪ تعداد ۾ ڏي وٺ ٿي سگھي.
مصري ۽ قطري اھلڪار ٻنھي ڌرين سان ملاقاتون ڪندا جنھن تحت معاھدي جو پھريون مرحلو طئي ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي سرائيلي وفد مصر جي شھر شرم الشيخ پھتل آھي، ٻنھي ڌرين ۾ سڌي ريت ڳالھيون اڄ کان شروع ٿينديون..