ملائيشيا اسان جو ٻيون گھر آھي، گڏيل منصوبن جا خواھشمند آھيون: وزيراعظم شھباز شريف

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تہ ملائيشيا اسان جو ٻيون گھر آھي، ملائيشيا سان گڏيل منصوبن جا خواھشمند آھيون.

وزيراعظم شھباز شريف  ملائيشين ھم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ پاڪستان مان 20 ڪروڙ ڊالرز جو گوشت ملائيشيا موڪلڻ سٺو سنوڻ آھي، ان کي وڌايو ويندو.

ملائيشين وزيراعظم چيو تہ خطي جي امن لاءِ پاڪ-ڀارت امن ضروري آھي، دھشتگردي جي خاتمي لاءِ ھر ممڪن سھڪار ڪنداسين.

سندس چوڻ ھوتہ ھو خطي ۾ امن جا خواھشند آھن، چاھن ٿا تہ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ امن ٿئي.

ھن چيو تہ پاڪستان سان مختلف  شعبن ۾ سھڪار کي ھٿي ڏيڻ چاھين ٿا.  ملائيشيا جي وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم شھباز شريف جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، کيس  گارڊ آف آنر بہ پيش ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں