نصير آباد ۾ برطرف پوليس اھلڪار بحالي لاءِ مبينا رشوت گھرڻ تان زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

نصير آباد ۾ برطرف پوليس اھلڪار نوڪري تي بحال ڪرڻ لاءِ مبينا رشوت گھرڻ تان انتھائي قدم کڻي ڇڏيو آھي، سندس وارثن الزام ھنيو آھي تہ زندگي جو ڏيئو اجھائيندڙ اھلڪار کان 6 لک روپيا رشوت گھري وئي ھئي، جڏھن تہ پوليس جو ان حوالي سان موقف سامھون نہ اچي سگھيو آھي.

واقعو نصيرآباد جي مھراڻ ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي 44 ورھين جي اھلڪار ذوالفقار جوڻيجو انتھائي قدم کنيو.

اھلڪار جي ڀاءُ موجب ڀاءُ ڪراچي ۾ ڊيوٽي ڪندو ھو، امڙ جي علاج سبب ڳوٺ آيو تہ پٺيان کيس ڊسمس ڪري ڇڏيائون، اھلڪار جي پگھار بند ڪري کائنس 6 لک روپيا رشوت گھري وئي.

ٻئي پاسي ان حوالي سان پوليس اختيارين سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نہ ٿي سگھيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں