غزہ ۾جنگبندي بابت حماس، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ڳالھيون اڄ مصر ۾ ٿي رھيون آھن، حماس جو وفد خليل الحيہ جي سربراھي ۾ قاھرھ پھچي ويو آھي.
مصر جي شھر شرم الشيخ ۾ڳالھين لاءِ حماس، اسرائيل ۽ آمريڪا جا وفد پھچي ويا آھن.
حماس جو وفد خليل الحيہ جي سربراھي ۾مصر پھتو آھي، عرب ميڊيا جو چوڻ آھي تہ حماس عالمي نگراني ۾ ھٿيار حوالي ڪرڻ تي رضامند ٿي ويو آھي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالھين جي پھرين مرحلي کي ھلندڙ ھفتي ئي مڪمل ڪيو ويندو.
حماس پنھنجي بيان ۾ چيو آھي تہ ڳالھين جو مقصد يرغمالين جي آزادي ۽ غزھ ۾ امن جي قيام لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پيش ڪيل منصوبي تي عملدرآمد جو طريقيڪار طئي ڪرڻ آھي.
حماس جي وفد جي سربراھي خليل الحيہ ڪري رھيو آھي جيڪو دوحہ م اسرائيل جي ميزائيل حملي ۾ معجزاڻي نموني بچي ويو ھو، جڏھن تہ سند س پٽ ۽ گارڊ شھيد ٿي ويا ھئا.