پرڏيھي ترجمان شفقت علي خان چيو آھي تہ اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد اسرائيلي فوج جي حراست ۾ آھي، صمود فلوٽيلا ۾ سوار پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي لاءِ عالمي برادري سان رابطي ۾ آھيون.
ترجمان موجب ھڪ دوست يورپي ملڪ جي سفارتي ذريعن تصديق ڪئي آھي تہ اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد اسرائيلي فوج جي حراست ۾ آھي، ذريعن اھو بہ ٻڌايو آھي تہ مشتاق احمد خيريت سان آھي.
پرڏيھي ترجمان جو چوڻ آھي تہ مقامي قانون موجب سينيٽر مشتاق احمد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، عدالت مان ڊي پورٽيشن آرڊر جاري ٿيڻ بعد سندس واپسي يقيني بڻائي ويندي.
ترجمان جو چوڻ ھو تہ انھن شھرين جي واپسي بہ يقنيي بڻائي ويندي جيڪي پھريان ئي لھي ويا ھئا، انھن ملڪن جا ٿورائتا آھيون، جن سھڪار ڪيو..
ترجمان جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ پاڪستان جي حڪومت شھرين جي حفاظت سان واپسي لاءِ پرعزم آھي، اميد آھي تہ شھرين جي واپسي وارو عمل چئن ڏينھن ۾ مڪمل ٿي ويندو.