آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ حماس غزا ۾ مستقل امن لاءِ تيار آھي، ان عمل ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن جا ٿورائتا آھيون.
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ اسرائيل بہ ھاڻي غزا ۾ فوري طور تي بمباري روڪي، تہ جيئن يرغمالي محفوظ طريقي سان بازياب ٿي سگھن، موجودہ صورتحال ۾ يرغمالين جي آزادي تمام گھڻي خطرناڪ آھي.
ھن چيو تہ معاملا طئي ڪيا پيا وڃن، ھي رڳو غزا جي حد تائين ناھي، ھي سڄو معاھدو وچ اوڀر ۾ امن لاءِ آھي.
واضح رھي تہ حماس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 20 نقاطي امن منصوبي مان ڪجھ نقطا قبول ڪيا آھن.
پاڪستان طرفان حماس جي جواب جي آجيان

پاڪستان پاران غزا معاھدي بابت حماس جي سٺي موٽ جي آجيان ڪئي وئي آھي وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ آھي تہ فلسطين ۾ جنگبندي جي ويجھو آھيون، حماس جي جواب سان جنگبندي لاءِ نئون رستو کليو آھي.
ھن چيو تہ پاڪستان فلسطينين سان گڏ بيٺل آھي ۽ رھندو، غزا ۾ جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مسلمان ملڪن جو ٿورائتو آھيان.
ٻئي پاسي پرڏيھي ترجمان شفقت علي خان جو چوڻ آھي تہ ھي غزا ۾ يرغمالين ۽ فلسطيني جي آزادي لاءِ اھم موقعو آھي، غزا ۾ بنا رنڊڪ انساني امداد جي فراھمي يقيني بڻائڻ ضروري آھي