ڪراچي: ڀٽائي آباد ۾ ٽن عورتون ڇرين جا وار ڪري قتل، نينگر ۽ نوجوان زخمي

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد جي پوليس موجب ٽن عورتن کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آهي، حملي ۾ هڪ نينگر ۽ نوجوان زخمي ٿيا آهن.

پوليس موجب واقعو ڀٽائي آباد ۾ پيش آيو، جتي هڪ گهر ۾ ٽن عورتن جا لاش مليا، جڏهن ته نينگر ۽ نوجوان زخمي حالت ۾ هئا.

پوليس موجب واقعو گھر اندر پيش آيو، ڇرين جي وار سبب مارجي ويل عورتن جي سڃاڻپ مينا، عائشه ۽ دانيه جي نالن سان ٿي آھي.

ڇريون لڳڻ سبب 14 ورھين جي ھڪ نينگري نندني ۽ مرد پڻ سخت زخمي ٿي پيا آھن.

پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي آهي، مقتولن جا لاش ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

نوٽ هيءَ شروعاتي خبر آهي، وڌيڪ تفيصل شامل ڪيا پيا وڃن

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں