رپورٽ: راشد لاشاري/ نوابشاھه
خاتون اول ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري شهيد بينظير آباد ضلعي جو دورو ڪيو، جتي هن امڪاني ٻوڏ صورتحال ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي.
آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ حڪومت جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پڻ موجود هئي، دوري دوران ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي، آبپاشي، ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو ۽ صحت جي مختلف ادارن جي آفيسرن پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ دوران آگاهي ڏني وئي ته جيڪڏهن مھا ٻوڏ آئي ته ضلعي جي 9 يونين ڪائونسلن جي 95 ڳوٺن ۾ رهندڙ لڳ ڀڳ 80 هزار ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته 64 هزار جانورن جي به متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي، جن جي منتقلي جو عمل جاري آهي.
آصفه ڀٽو زرداري پوليس، انتظاميا ۽ رضاڪارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ اسان ٽئين وڏي ٻوڏ جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهيون، مان اميد ڪريان ٿي ته انتظاميا اڳوڻن تجربن مان سکندي، موجوده صورتحال کي بهتر طريقي سان سنڀاليندي.
آصفھ ڀٽو زرداري ھدايت ڪئي ته امدادي سرگرمين ۾ تيزي آندي وڃي، حڪومت متاثرن کي ڪنھن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.