ڪراچي: پنجاب ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ وهڪرا سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌو درياهه ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد، خيرپور ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪچي وارا علائقا پاڻي اچي ويا آهن، صوبائي حڪومت اعلان ڪيو هو ته ڪچي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي فنڊز ڏنا ويندا.
ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي ميرپور ماٿيلو واري آفيس مان 29 آگسٽ تي جاري ٿيل هڪ ليٽر ڊبليو ٽي اين کي مليو آهي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سنڌ حڪومت کي لکيو آهي ته امڪاني ٻوڏ سبب ضلعي جي ڪچي ۾ هڪ لک 18 هزار 673 ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر سروسز، جنرل ايڊمنسٽريٽشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتن کي مينشن ڪيو آهي، ليٽر ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي درخواست ڪئي آهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي خاص طور تي ڪچي جي علائقن مان متاثرن جي جان بچائڻ لاءِ ضروري تياريون ۽ امدادي قمن جي ضرورت آهي.
ڊپٽي ڪمشنر جي ليٽر ۾ لکيو ويو آهي ته ضلعي انتظاميا اندازو لڳايو آهي ته موجوده ٻوڏ دوران لڳ ڀڳ هڪ لک 18 هزار 673 ماڻهو بي گهر ٿيڻ جو خدشو آهي، انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 200 ملين (20 ڪروڙ روپين) فنڊز گهربل آهن.
ڊپٽي ڪمشنر درخواست ڪئي آهي ته فوري طور 20 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا وڃن.