اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشنز جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي ۽ اندروني سلامتي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مختلف شعبن ۾ هيل تائين کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
اجلاس دوران خيبرپختونخوا جي 12 ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اي آر ڊي سي جي هيل تائين ڪارڪردگي تي پڻ غور ڪيو ويو.
وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ خيبرپختونخوا لاءِ وفاقي حڪومت جي 160 ارب رپين جي پيڪيج تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو ويو.