فضل الرحمان جي ويجهن ساٿين خلاف جاچ تيز، اسلام آباد واري رھائشگاھ جي مالڪ کي به نوٽيس جاري

فہرستِ مضامین

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ويجهي ساٿي امان الله کي ايف آءِ اي ۽ سي ڊي اي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

رپورٽ موجب مولانا فضل الرحمان جي خاندان ۽ ويجهن ساٿين خلاف مالي بي ضابطگين ۽ قانوني ڀڃڪڙين جي معاملن تي مختلف ادارا سرگرم ٿي ويا آهن.

ايف آءِ اي ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل امان الله کي جاچ جي سلسلي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. کيس 4 نومبر تي لاڳاپيل دستاويزي ۽ ڊجيٽل ثبوتن سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف سي ڊي اي اسلام آباد ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ سرڪاري زمين تي قبضن جي حوالي سان به امان الله کي نوٽيس جاري ڪيو آهي.

رپورٽ موجب امان الله اسلام آباد جي سيڪٽر G-6/4، گهٽي نمبر 83 ۾ قائم ان گهر جو مالڪ آهي، جتي مولانا فضل الرحمان رهائش پذير آهن.

ان کان اڳ به مولانا فضل الرحمان جي ويجهن حلقن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻهن کي ايف آءِ اي جي جاچ کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں