پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪارن جي انگ ۾ تاريخي واڌ رڪارڊ

فہرستِ مضامین

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪارن جو انگ تاريخي واڌ کانپوءِ 6 لک 81 هزار 965 ٿي ويو آهي.

اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن بابت وفاقي صلاحڪار خرم شهزاد موجب، آڪٽوبر 2026ع دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ 25 هزار 747 نوان سيڙپڪار شامل ٿيا، جيڪو گذريل سال آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 66 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

خرم شهزاد ٻڌايو ته 2026ع جي پهرين 10 مهينن دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سان 2 لک 18 هزار 894 نوان سيڙپڪار ڳنڍيا ويا، جيڪو گذريل چئن سالن دوران ٿيل مجموعي واڌ کان به وڌيڪ آهي.

سندس چوڻ موجب، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جي مجموعي انگ ۾ سالياني بنيادن تي 56 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته نون سيڙپڪارن مان 85 سيڪڙو جو تعلق جنريشن زي ۽ ملينيلز سان آهي، جيڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ۽ شيئرز جي خريد ۽ وڪري ۾ وڌندڙ دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں