پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ گئس جي فراهمي محدود، هاڻي رڳو رڌپچاءَ جي مقرر وقتن تي ملندي

فہرستِ مضامین

سوئي ناردرن اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ گهريلو صارفين لاءِ گئس جي فراهمي محدود ڪري ڇڏي، اڄ کان روزانو رڳو ٽن مخصوص وقتن تي گئس فراهم ڪئي ويندي.

ايس اين جي پي ايل موجب، ايل اين جي جي دستيابي ۾ گهٽتائي ۽ سياري دوران گئس جي طلب وڌڻ سبب نئون شيڊول لاڳو ڪيو ويو آهي.

نئين شيڊول تحت صبح ساڍي 6 کان 9 وڳي، منجهند 12 کان اڍائي وڳي ۽ شام 6 کان رات 9 وڳي تائين گئس فراهم ڪئي ويندي.

حڪومت محدود گئس ذخيرن کي نظر ۾ رکندي گهريلو صارفين کي ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻئي طرف سي اين جي شعبي کي گئس جي فراهمي به روزانو 50 ملين مڪعب فوٽ مان گهٽائي 35 ملين مڪعب فوٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اها فراهمي مڪمل طور بند ڪرڻ جو منصوبو پڻ آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں