واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر براڪ اوباما ڊيموڪريٽ پارٽي جي چونڊ ڪاميابي کي آمريڪي عوام پاران تبديلي جي خواهش جو واضح اظهار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ براڪ اوباما چيو ته آمريڪي عوام چونڊ نتيجن ذريعي واضح پيغام ڏنو آهي ته هو ورهاست بدران اتحاد چاهين ٿا.
هن چيو ته عوام اهڙي قيادت جا خواهشمند آهن، جيڪا سندن روزمرهه جي مسئلن جو عملي حل پيش ڪري ۽ ملڪ ۾ اتحاد کي هٿي ڏئي.
اڳوڻي آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته هاڻي ڊيموڪريٽ پارٽي جي ذميواري آهي ته جتي کيس اختيار حاصل آهي، اتي عملي قدم کڻي، نقصان کي روڪي ۽ مستقبل لاءِ مضبوط بنياد تيار ڪري.
واضح رهي ته براڪ اوباما مشي گن ۽ جارجيا سميت اهم رياستن ۾ ڊيموڪريٽ اميدوارن جي حمايت ۾ چونڊ مهم هلائي هئي. سندس بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن وچ مدتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.