پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي گهرواري بشريٰ بي بي جي بيماري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڪيل کي عدالتن ذريعي رليف حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، عمران خان سومر ڏينهن اڊيالا جيل ۾ پنهنجي وڪيل سان ملاقات دوران خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ وفاقي حڪومت پاران ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سميت تازين سياسي اڳڀراين کان اڳ ئي باخبر هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊگهي وقفي کانپوءِ ٿيل اها ملاقات پيشاوراڻي ۽ قانوني معاملن تائين محدود رهي، ڇاڪاڻ ته اڳواٽ اتفاق ڪيو ويو هو ته ملاقات دوران سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي.
ملاقات دوران عمران خان جي صحت بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن کي ذريعن اطمينان بخش قرار ڏنو، جڏهن ته بشريٰ بي بي کي اکين جو مسئلو آهي، جنهن تي عمران خان ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب، عمران خان خاص طور تي بشريٰ بي بي جي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪرڻ ۽ لاڳاپيل عدالتن سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.