رياست منافقت ڪري ٿي، جواب ڏيندس ته هڪ ٻيو ريفرنس داخل ٿي ويندو: جسٽس اعجاز اسحاق

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين مذهب ڪيس ۾ سزا يافته جوابدار جي سزا معطلي واري درخواست منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت سزا خلاف مک اپيلن تي ٻڌڻي ٻن هفتن کانپوءِ مقرر ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران جسٽس سردار اعجاز اسحاق ريمارڪس ڏنا ته توهين مذهب ڪيس جي ٻڌڻي دوران ائين محسوس ٿيندو هو ته ڪو ايندو ۽ مون کي گولي هڻي هليو ويندو.

جسٽس اعجاز اسحاق چيو ته هن سيٽ تي بنا خوف جي ويهڻ ممڪن ناهي، خوف سبب ڪو به جج اپيلون نٿو ٻڌي، جيڪڏهن اڪيلو ٻڌي سگهان ها ته ٻڌي وٺان ها.

هن وڌيڪ چيو ته رياست منافقت ڪري رهي آهي، مان جواب ڏيندس ته منهنجي خلاف هڪ ٻيو ريفرنس داخل ٿي ويندو. ججن ۽ شاهدن کي تحفظ فراهم نٿو ڪيو وڃي، ڪيترن ئي ججن جون حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، سڀني کي خبر آهي ته اهي اپيلون سالن کان ٻڌڻي لاءِ مقرر ڇو نٿيون ٿين.

ٻئي طرف ڪيس جي فريادي سزا معطلي جي حڪم تي اعتراض ڪندي چيو ته کيس ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو.

ان تي جسٽس اعجاز اسحاق چيو ته جج جي فيصلي سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ڪنهن جج خلاف شڪايت لاءِ قانوني فورم موجود آهي، منهنجي خلاف به وڃي هڪ ٻيو ريفرنس داخل ڪرايو.

عدالت جوابدار جي سزا معطل ڪندي مک اپيلن تي ٻڌڻي ٻن هفتن کانپوءِ مقرر ڪري ڇڏي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں