اسان قائداعظم جي پاڪستان ۾ آيا هئاسين، ڪنهن اسان کي ڀٽو جي پاڪستان ۾ ڌڪي ڇڏيو: خالد مقبول

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سنڌ ۾ نون صوبن جي مطالبي کي ورجائيندي چيو آهي ته سندن جدوجهد جو معاملو ڀٽو جي پاڪستان کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن ته سندن وڏا قائداعظم جي پاڪستان ۾ آيا هئا.

نارٿ ناظم آباد ريزڊنٽس ڪميٽي جي ميمبرن کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته نون صوبن جو مطالبو ايم ڪيو ايم کان به اڳ جو آهي. پاڪستان سندن وڏن جي ڪوششن سان ٺهيو ۽ قائداعظم جي پاڪستان ۾ ڪراچي ملڪ جو گاديءَ وارو شهر هو.

هن چيو ته جڏهن ملڪ جو گاديءَ وارو هنڌ تبديل ڪيو ويو، تڏهن ون يونٽ قائم هو، جڏهن ته صوبن جي بحالي وقت نه ڪو ريفرنڊم ٿيو ۽ نه ئي ووٽنگ ڪرائي وئي. سندس دعويٰ هئي ته ڪراچي کان پڇڻ کانسواءِ ان کي سنڌ جو حصو بڻايو ويو.

خالد مقبول صديقي وڌيڪ چيو ته 1970ع واري ڏهاڪي تائين ڪراچي سنڌ جو حصو نه هو. هن چيو ته جڏهن به سنڌ جي تاريخ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته پنج هزار سالن جي تاريخ جو حوالو ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته سندن چوڻ موجب ملڪ جي قيام لاءِ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون هيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں