صدر، وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن کي ڪھڙا تحفا مليا؟ توشہ خانہ جو نئون رڪارڊ جاري

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ڊويزن جولاءِ کان سيپٽمبر 2026ع تائين توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جو رڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزيرن ۽ ٻين اهم سرڪاري شخصيتن کي مليل تحفن جا تفصيل شامل آهن.

جاري ڪيل دستاويزن موجب، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن وارو وزير احد چيمه، اطلاعات وارو وزير عطاالله تارڙ، ريلوي وارو وزير حنيف عباسي ۽ مملڪتي وزير شزا فاطمه جا نالا پڻ فهرست ۾ شامل آهن.

ان کانسواءِ نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي، خاص معاون طارق فاطمي، مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ، ايڊيشنل اٽارني جنرل عمر عالم، ڪويت ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال، اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ۽ آمنه بلوچ کي مليل تحفن جا تفصيل پڻ رڪارڊ جو حصو آهن.

جولاءِ کان سيپٽمبر 2026ع دوران مليل تحفن ۾ روضه رسول ﷺ ۽ خانه ڪعبه جا ماڊل، فيصل مسجد جو فريم، پينٽنگز، شيلڊون، چانهه جا سيٽ، ٽايون، آرائشي شيون، خنجر، قالين، اسڪارف، هٿ سان تيار ڪيل ايراني ٽامي جا دٻا، چانهه جا ڪوپ، عطر، ٽيبليٽس ۽ موسيقي جا ساز شامل آهن.

دستاويز موجب، سمورن وصول ڪندڙن تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڪابينا ڊويزن پاران انهن جي ماليت جو ڪاٿو لڳائڻ وارو عمل جاري آهي.

رڪارڊ موجب، موجوده حڪومت ان کان اڳ 2002ع کان جون 2026ع تائين جو توشه خانه رڪارڊ پڻ عام ڪري چڪي آهي، جڏهن ته 1997ع کان 2001ع تائين جو رڪارڊ به جاري ڪيو ويو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں