ايبٽ آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا چيو آهي ته ملڪ جي سلامتيءَ تي ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ سرحد پار کان ٿيندڙ دراندازي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان جون سرحدون مڪمل طور محفوظ آهن ۽ پاڪ فوج ملڪ جي هر انچ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي.
پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪو ل ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي جنرل سيد عامر رضا چيو ته ڪيڊٽس ملڪ جي سلامتيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا، جڏهن ته عملي زندگيءَ جي شروعات کان ئي کين مختلف چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو.
هن ڪيڊٽس کي هدايت ڪئي ته اهي بهادريءَ سان چئلينجن جو مقابلو ڪن، ڇاڪاڻتہ ايمانداري، بهادري ۽ همت قيادت جا اهم اصول آهن. هن چيو ته هٿياربند فوجن هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ثبوت ڏنو آهي، جڏهن ته فوج ۾ عورتن جي شرڪت پڻ فخر جوڳي آهي.
جنرل سيد عامر رضا چيو ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جو ثالثي ڪردار سڄي دنيا ڏٺو آهي، جڏهن ته تازين علائقائي ڇڪتاڻ دوران به پاڪستان عالمي سطح تي مثبت ڪردار ادا ڪيو.
ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ وڌيڪ چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب اڃا حل طلب آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ان مسئلي جو حل ضروري آهي. هن فلسطين ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ تي پڻ زور ڏنو.
هن ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪ جا بهادر جوان وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري ملڪ جي سلامتي، وقار ۽ تحفظ جي وڏي ذميواري هاڻي سندن ڪلهن تي پڻ آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪو ل ۾ 73هين انٽيگريٽيڊ ڪورس ۽ 28هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ 154هين پي ايم اي لانگ ڪورس ۽ 39هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس پڻ پاس آئوٽ ٿيا.