دير ڪالوني اسڪول سانحي جو ذميوار ڪير؟ پوليس رپورٽ ۾ اھم انڪشاف

فہرستِ مضامین

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي بابت پوليس رپورٽ ۾ عمارت جي پراڻي هجڻ ۽ ناقص اڏاوت کي حادثي جو سبب قرار ڏنو ويو آهي. واقعي ۾ 34 شاگردن ۽ هڪ ماسترياڻي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

ايس ايس پي آپريشنز واقعي بابت رپورٽ ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. پوليس رپورٽ موجب، صبح 9 لڳي 5 منٽن تي اسڪول جي ڇت ڪرڻ جو اطلاع مليو، جنهن کانپوءِ ريسڪيو 1122 ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي طلب ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪول جي عمارت پراڻي ۽ ناقص اڏاوت سبب ڪري پئي. پوليس موجب، واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڇت ڪرڻ جا اصل سبب معلوم ڪرڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته پشاور جي دير ڪالوني ۾ خميس ڏينهن خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ 34 شاگردن ۽ هڪ عورت استاد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں