آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا وٽ ايران جي حڪومتي عملدارن ۽ اڳواڻن جون سڀ ڳالهيون ٻڌڻ جي صلاحيت موجود آهي، جڏهن ته هن ايران خلاف جنگ کي فوجي مشق قرار ڏيندي آبنائي هرمز جو نالو تبديل ڪري ”آبنائي ٽرمپ“ رکڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي.
آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن کان اڳ هڪ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اها ڳجهي ۽ راز واري ڳالهه هئي، پر هن هاڻي ان کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
ٽرمپ پنهنجي خطاب دوران ايران خلاف جاري جنگ کي ”هڪ فوجي مشق“ قرار ڏنو.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آبنائي هرمز جو نالو تبديل ڪري ”آبنائي ٽرمپ“ رکيو وڃي ته عرب ملڪن جو ان بابت ڪهڙو ردعمل هوندو؟ سندس چوڻ هو ته آمريڪا اهو ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو.