تنقيد ۽ اھليت تي سوال، وائيٽ ھائوس جي نئين پريس سيڪريٽري پنجن ڏينھن بعد ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

وائٽ هائوس جي نئين پريس سيڪريٽري ڪيٽي زڪريا عهدي سنڀالڻ کان صرف پنج ڏينهن پوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سندس اهليت ۽ قانوني سندن بابت سوالن ۽ سخت تنقيد کانپوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ به کيس عهدي تان دستبردار ٿيڻ بابت ٻيهر سوچڻ جو مشورو ڏنو هو.

ڪيٽي زڪريا کي پنهنجي پهرين پريس بريفنگ دوران به سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، جيڪا 15 منٽن کان به گهٽ جاري رهي ۽ ان ۾ صحافين جا رڳو ٽي سوال ورتا ويا.

ان کانپوءِ مختلف ميڊيا ادارن طرفان سندس قانوني اهليت، بار امتحان ۽ پريس سيڪريٽري جي عهدي لاءِ تياري بابت مسلسل سوال اٿاريا ويا.

ڪيٽي زڪريا تصديق ڪئي ته هن آمريڪا ۾ بار جو امتحان پاس نه ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ هوءَ چين منتقل ٿي وئي، جتي هڪ قانوني فرم ۾ ڪم ڪيو.

رپورٽن موجب زڪريا 2011ع ۾ پيپرڊائن يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ ڪيليفورنيا ۾ بار جو امتحان ڏنو، پر ڪامياب نه ٿي سگهي. هن ٻيهر بار امتحان نه ڏنو.

آمريڪا ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڪالت لاءِ لاڳاپيل رياست جو بار امتحان پاس ڪرڻ ۽ لائسنس حاصل ڪرڻ ضروري هوندو آهي.

زڪريا جي قانوني حيثيت بابت سوال ان وقت وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا، جڏهن هڪ نگراني ڪندڙ تنظيم ڪيليفورنيا اسٽيٽ بار ۾ شڪايت داخل ڪري معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو.

ٻئي طرف ڪيٽي زڪريا جو موقف آهي ته هن بين الاقوامي ڪاروباري معاملن سان لاڳاپيل قانوني شعبي ۾ ڪم ڪيو ۽ ان لاءِ گهربل سندون سندس وٽ موجود هيون.

بار امتحان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چين جو نالو وٺڻ کي به هن غلط فهمي قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته ميرين ون هيليڪاپٽر جي شور سبب هن صحافي جو سوال صحيح نموني نه ٻڌو هو.

رپورٽن مطابق ڪيٽي زڪريا 2011ع کان 2013ع تائين بيجنگ جي هڪ قانوني فرم ۾ ڪم ڪيو، جڏهن ته هوءَ ٽرمپ سان لاڳاپيل ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجي گروپ سان به وابسته رهي چڪي آهي.

صدر ڊونلڊ ٽرمپ سندس استعيفيٰ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن زڪريا کان پڇيو هو ته ڇا هي عهدي واقعي سندس لاءِ مناسب آهي، جڏهن ته ٽرمپ جو چوڻ هو ته ميڊيا سندس خلاف خاصو سخت رويو اختيار ڪيو.

اهڙيءَ طرح وائٽ هائوس جي نئين پريس سيڪريٽري طور مقرر ٿيل ڪيٽي زڪريا جو عهدو سنڀالڻ وارو سفر صرف پنج ڏينهن ۾ ئي ختم ٿي ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں