پشاور ۾ پوليس پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، ڪانسٽيبل شهيد

فہرستِ مضامین

پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ دهشتگردن پوليس پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويو.

سي سي پي او پشاور ميان سعيد موجب، گذريل رات حسن خيل جي سپين ميلا پوليس پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن دوران پوليس ڪانسٽيبل شهيد ٿيو.

سي سي پي او ٻڌايو ته پوليس اهلڪارن جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا. پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن.

ميان سعيد موجب، فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ڳولا ۽ ڪارروائي جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں