ساھيوال (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز خيبرپختونخوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت بابت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪنهن ختم نه ڪئي، پر هنن پاڻ پنهنجي حڪومت ختم ڪئي. هن لانگ مارچ تي طنز ڪندي چيو ته هي پهريون لانگ مارچ آهي، جيڪو پنهنجي ئي حڪومت کي کائي ويو.
ساھيوال ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته خيبرپختونخوا جا وسيلا، جيڪي ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿيڻ گهرجن ها، اهي ڌرڻن تي خرچ ٿيندا رهيا، پر هاڻي صوبي ۾ ترقي ٿيندي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو چوندا هئا ته هنن عوام ۾ شعور پيدا ڪيو، انهن عوام جون زندگيون تباهه ڪري ڇڏيون. مريم نواز موجب، هاڻي خيبرپختونخوا جي ماڻهن کي خبر پوندي ته ترقي ڇا کي چئبو آهي.
وزيراعليٰ پنجاب وڌيڪ چيو ته ڇا ڪڏهن ائين ڏٺو ويو آهي ته هڪ صوبو ٻئي صوبي يا وفاق تي حملو ڪري؟ هن ڀيٽ ڪندي چيو ته پنجاب مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا پٿر جي دور ۾ آهي.
مريم نواز دعويٰ ڪئي ته جنهن يونيورسٽيءَ ۾ هوءَ وڃي ٿي، اها نواز شريف ٺهرائي آهي ۽ جن روڊن تان گذري ٿي، اهي به نواز شريف جي دور ۾ ٺهيا آهن. هن چيو ته ماڻهو نالو وٺن يا نه، ڪريڊٽ ڏين يا نه ڏين، اهي ترقياتي ڪم نواز شريف ڪرايا آهن.