ٿائيلينڊ جي راڻي ھاڪي چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ پاڻ شاھي جھاز اڏائي جاپان پھچي وئي

فہرستِ مضامین

بينڪاڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ)  ٿائيلينڊ جي راڻي سوتھيدا پنهنجي پائليٽنگ صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي شاهي جهاز بوئنگ پاڻ اڏائي ٿائيلينڊ جي گاديءَ واري شهر بينڪاڪ کان جاپان پهچي وئي. راڻي جاپان ۾ ٿيندڙ آسيان وومينز آئس هاڪي چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ ست ڪلاڪن جي ڊگهي اڏام جي قيادت ڪئي.

هوابازيءَ جي ذريعن موجب، راڻي سوتھيدا بينڪاڪ کان جاپان جي هوڪائيدو ايئرپورٽ تائين جهاز پاڻ اڏائي پهتي، جتي لينڊنگ کان پوءِ هوءَ پاڻ گاڏي هلائي هوٽل ڏانهن رواني ٿي وئي.

راڻي سوتھيدا وٽ باقاعده ڪمرشل پائليٽ جو لائسنس موجود آهي، جڏهن ته رپورٽ موجب هوءَ مختلف جهازن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار 190 ڪلاڪن جي اڏام جو تجربو پڻ رکي ٿي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته راڻي سوتھيدا انٽرنيشنل آئس هاڪي فيڊريشن جي وومينز گلوبل ايمبيسيڊر پڻ آهي ۽ جاپان ۾ ٿيندڙ آسيان وومينز آئس هاڪي چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ پهتي آهي.

رپورٽ موجب، 8 آڪٽوبر 2026ع تي راڻي سوتھيدا سويڊن ۾ تيار ڪيل جنگي جهاز پڻ اڪيلو اڏايو هو. ان حوالي سان کيس سپر سونڪ فائٽر جيٽ اڏائيندڙ پهرين حڪمران راڻي هجڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ٿائيلينڊ جو شاهي جوڙو پنهنجي هوابازيءَ جي مهارت سبب پڻ سڃاتو وڃي ٿو. پرڏيهي دورن دوران بادشاهه ماها وجيرالونگ ڪورن اڪثر جهاز جي ڪئپٽن، جڏهن ته راڻي سوتھيدا ڪو پائليٽ طور ذميواريون نڀائيندي آهي.

هن ڀيري راڻي پاران ست ڪلاڪن جي ڊگهي اڏام پاڻ هلائڻ کي سندس هوابازيءَ جي تجربي ۽ صلاحيتن جو اهم مظاهرو قرار ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں