ٽنڊوباگو: اڪرم واهه ۾ ٻڏي ويل واپاري جو لاش 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود هٿ نه آيو

فہرستِ مضامین

ٽنڊوباگو (رپورٽ: بلاول پٺاڻ) ٽنڊوباگو لڳ وهڻائي شريف اسٽاپ وٽ اڪرم واهه جي پل تان موٽرسائيڪل گذارڻ دوران واهه ۾ ڪري ٻڏي ويل واپاري عبدالحڪيم سومرو جي لاش جي ڳولا 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود جاري آهي، جڏهن ته واهه ۾ پاڻيءَ جي سطح بلند هجڻ سبب ريسڪيو ٽيمن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٻڏي ويل عبدالحڪيم سومرو ٽنڊوباگو شهر جي ڊاڪٽر گلي ۾ سونارڪو دڪان هلائيندو هو، جنهن جو تعلق بدين جي ڳوٺ جاڙا، واٽر ڪڍڻ روڊ سان ٻڌايو پيو وڃي.

واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم پهچي وئي، جيڪا ٻيڙين ذريعي واهه ۾ ٻڏي ويل واپاري جي لاش جي ڳولا ڪري رهي آهي، پر آخري اطلاعن تائين لاش هٿ اچي نه سگهيو هو.

ٻئي طرف، سوشل ميڊيا ۽ مختلف نيوز چينلن تي واقعي جون خبرون نشر ٿيڻ باوجود آبپاشي عملي پاران اڪرم واهه جو پاڻي گهٽائڻ يا بند ڪرڻ لاءِ قدم نه کڻڻ تي سوال اٿاريا پيا وڃن. پاڻيءَ جي سطح بلند هجڻ سبب ڳولا واري عمل ۾ وڌيڪ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

هوڏانهن، نوجوان جا وارث سڄي رات واهه جي ڪپن تي سندس ڳولا ڪندا رهيا، پر کين ڪا به ڪاميابي نه ملي. واقعي سبب گهر ۾ ڪهرام متل آهي، جڏهن ته وارث سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن.

شهرين ۽ وارثن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي، آبپاشي عملي کي واهه جو پاڻي گهٽائڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي ۽ لاش جي ڳولا لاءِ هنگامي بنيادن تي اثرائتا قدم کنيا وڃن.

هنن واقعي ۾ مبينا غفلت جي ذميوارن ۽ لاڳاپيل عملي جي ڪارڪردگيءَ جي جاچ ڪرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں