البانيا ۾ تعليمي نظام ۾ ڪرپشن خلاف شاگردن جو احتجاج زور وٺي ويو، وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

تيرانا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) يورپي ملڪ البانيا ۾ تعليمي نظام ۾ مبينا ڪرپشن، ناقص تعليمي سهولتن ۽ بيروزگاري خلاف شاگردن جو احتجاج شدت اختيار ڪري ويو آهي. مظاهرين وزيراعظم ايدي راما کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته احتجاج دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪرين سبب 51 پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، البانيا جي گاديءَ واري شهر تيرانا ۾ شاگردن جي احتجاج دوران صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي. مظاهرين پاران روڊن تي باهيون ڏيڻ، سرڪاري عمارتن، پوليس اسٽيشنن ۽ دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جا واقعا پيش آيا.

رپورٽن موجب، مظاهرين وزارتِ تعليم سميت ڪيترين ئي عمارتن کي باهه پڻ ڏني، جڏهن ته احتجاج ٻين شهرن تائين به پکڙجي ويو.

پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ جوابي ڪارروائي ڪندي 55 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ٻئي طرف، البانيا جي وزيراعظم ايدي راما استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته هو شاگردن جي جائز مطالبن، خاص طور تي تعليم جي وڌندڙ خرچن بابت ڳالهين لاءِ تيار آهي.

وزيراعظم احتجاج کي البانيا جي يورپي يونين ۾ شموليت جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي.

احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ آهي ته تعليمي نظام ۾ ڪرپشن، سهولتن جي کوٽ ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي عملي قدم کڻڻ گهرجن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں