آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين پريس سيڪريٽري ڪيٽي زڪريا جي قانوني سندن ۽ وڪالت جي اهليت بابت سوال اٿڻ کانپوءِ وائيٽ هائوس سندس دفاع شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪيٽي زڪريا جي قانون جي ڊگري موجود هجڻ جي تصديق ٿي آهي، پر آمريڪا ۾ وڪالت لاءِ گهربل لائسنس بابت سوال سامهون آيا آهن.
رپورٽن موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي ڪيٽي زڪريا جي مقرري جو اعلان ڪندي کيس وڪيل قرار ڏنو هو. ڪيٽي پڻ پاڻ لاءِ وڪيل جو لفظ استعمال ڪندي رهي آهي.
رپورٽ موجب، اڱاري ڏينهن هڪ صحافي کانئس پڇيو ته هن آمريڪا جي ڪهڙي رياست ۾ وڪيل بڻجڻ لاءِ گهربل بار امتحان پاس ڪيو هو، جنهن تي ڪيٽي جواب ڏنو ته جڏهن هوءَ چين منتقل ٿي هئي.
وائيٽ هائوس جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر اسٽيون چيونگ ڪيٽي جو دفاع ڪندي چيو ته هوءَ آمريڪي عوام کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ غيرمعمولي طور اهل ۽ انتهائي ذهين آهي.
ٻئي پاسي، ڪيٽي زڪريا پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن بين الاقوامي ڏيتي ليتيءَ جي قانون جي شعبي ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ ان لاءِ گهربل سموريون مناسب سندون رکي ٿي.
رپورٽ موجب، اربع ڏينهن نگراني ڪندڙ اداري ڪيمپين فار اڪائونٽيبلٽي ڪيليفورنيا اسٽيٽ بار ايسوسيئيشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جاچ ڪئي وڃي ته ڇا ڪيٽي زڪريا پاڻ کي وڪالت جي لائسنس کانسواءِ قانوني خدمتون ڏيڻ جي اهل طور پيش ڪيو هو.
ڪيٽي زڪريا 2011ع ۾ ڪيليفورنيا جي پيپرڊائن يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي هئي، جنهن جي يونيورسٽي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ موجب، قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ وڪالت جو لائسنس هجڻ ٻه الڳ شيون آهن.
وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب، ڪيٽي ڪيليفورنيا ۾ بار امتحان ڏنو هو، پر ڪامياب نه ٿي سگهي. سندس چوڻ موجب، چين ۾ رهڻ دوران هن بين الاقوامي ڏيتي ليتيءَ جي قانون جي شعبي ۾ ڪم ڪيو.
ڪيٽي جي لنڪڊ اِن پروفائل موجب، هن 2011ع کان 2013ع تائين بيجنگ جي ژونگ لون لا فرم ۾ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چين ۾ قانوني وڪالت جو لائسنس صرف چيني شهري حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته پرڏيهي ماڻهو قانوني فرمن ۾ ٻين عهدن تي ڪم ڪري سگهن ٿا.
بي بي سي موجب، ورلڊ بئنڪ ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن سان ڪيٽي جي ڪم بابت وضاحت حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ادارن سان رابطو پڻ ڪيو ويو آهي.