ڪراچي جي گلشن حديد ۾ ھڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا مئل ھٿ، قتل يا آپگھات؟ آءِ جي سنڌ پاران رپورٽ طلب

فہرستِ مضامین

ڪراچي (رپورٽ): ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ هڪ خانگي سوسائٽي جي گهر مان هڪ ئي خاندان جي پنجن ڀاتين جا لاش هٿ آيا آهن، واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿيلن ۾ 40 ورهين جو شاهزيب، سندس 40 ورهين جي گهرواري صبا، پنج ورهين جي ڌيءَ ايزل، چئن ورهين جي ڌيءَ آريا ۽ شاهزيب جي 18 ورهين جي ڀيڻ شمائلا شامل آهن.

ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته پنجن ئي ڄڻن جي موت جا اصل سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي سمورن پاسن کان شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي ۽ پنجن ئي ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اصل سبب معلوم ڪيا وڃن.

آءِ جي سنڌ وڌيڪ هدايت ڪئي ته واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪرڻ، فرانزڪ جاچ ۽ ٻين قانوني گهرجن کي پورو ڪيو وڃي، جڏهن ته واقعي ۾ ڪنهن به امڪاني ڏوهاري پهلو يا ملوث عنصرن کي سامهون آڻڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں