ٿر(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ ملڪ ۾ نون صوبن بدران نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏھن اسلام آباد انتظام هلائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي تہ پوءِ ان کي ٿر جي حوالي ڪيو وڃي.
ٿر ڪول فيز ٿري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو تہ ماضي ۾ اسلام آباد جا ماهر ٿر جي ڪوئلي کي بيڪار قرار ڏيندا هئا، پر اڄ ساڳئي ڪوئلي مان 2 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رھي آهي.
هن چيو تہ ٿر ۾ ٿيندڙ تبديلي سڄي ملڪ لاءِ حيران ڪندڙ آهي، جتي ٻار تعليم جي ميدان ۾ بہ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري رھيا آهن. سندس چوڻ هو تہ ٿر جي ترقي ملڪ جي آئين ۽ ارڙھين ترميم تي عملدرآمد جي عملي مثال آهي.
بلاول ڀٽو موجب ٿر ڪوئلي جي منصوبن سان 1.6 ارب ڊالر جو قيمتي پرڏيھي ناڻو بچايو پيو وڃي.
سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو چيو تہ ڪجھ عنصر ٿر جي ترقي هضم نٿا ڪري سگهن ۽ ڪراچي ۾ نفرت جي سياست کي هٿي ڏئي رھيا آهن. سندس چوڻ هو تہ سنڌ ۾ اهڙي سياست ڪامياب نہ ٿيندي، ڇو تہ ٿر جا ماڻهو ترقي جي سفر تي اڳتي وڌڻ چاهين ٿا.
هن چيو تہ نون صوبن جو منطق سمجھ ۾ نٿو اچي، ملڪ کي نون صوبن بدران نظام جي بهتري جي ضرورت آهي.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو تہ جيڪڏھن وفاقي حڪومت اسلام آباد هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي تہ کين ذميواري ڏني وڃي، هو اسلام آباد جي اسڪولن ۽ اسپتالن کي بہ ٿر جيان بهتر بڻائيندا.