فٽبال جي دنيا جي مشهور ترين رانديگر ليونل ميسي جي بين الاقوامي فٽبال تان رٽائرمينٽ کانپوءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ميسي هڪ ڀيرو ٻيهر ارجنٽينا جي قومي ٽيم ۾ واپسي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ارجنٽينا فٽبال ايسوسيئيشن تصديق ڪئي آهي ته ليونل ميسي 6 آڪٽوبر تي بيونس آئرس ۾ بينن خلاف ميچ ۾ ارجنٽينا جي نمائندگي ڪندو، جڏهن ته اهو مقابلو قومي ٽيم لاءِ سندس الوداعي ميچ هوندو.
ميسي 2026ع جي فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ اسپين هٿان ارجنٽينا جي شڪست کانپوءِ بين الاقوامي فٽبال تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، پر هاڻي ارجنٽينا جي ڪوچ ليونل اسڪالوني بينن خلاف ميچ لاءِ اعلانيل 26 رڪني شروعاتي اسڪواڊ ۾ ميسي کي شامل ڪري ورتو آهي.
ارجنٽينا فٽبال ايسوسيئيشن موجب ميسي کي قومي ٽيم طرفان سندس شاندار بين الاقوامي ڪيريئر جي شايانِ شان انداز ۾ الوداع ڪيو ويندو.
ان موقعي تي 2022ع جو فيفا ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ارجنٽينا جي ٽيم جا رانديگر پڻ خاص تقريب ۾ شرڪت ڪندا، جتي ليونل ميسي جي بين الاقوامي ڪيريئر جي پڄاڻيءَ تي کيس الوداع ڪيو ويندو.