اسلام آباد (بيورو رپورٽ): حڪومت طرفان موٽرسائيڪلن ۽ 800 سي سي تائين گاڏين لاءِ پيٽرول تي في ليٽر 100 رپين جي سبسڊي جو اعلان ته ڪيو ويو آهي، پر پيٽرول پمپ مالڪن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته کين رليف پيڪيج جي عملي طريقيڪار بابت ڪا واضح ڄاڻ ناهي. پمپ اونرز خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن سبسڊي جي رقم جي ادائگي ۽ واپسي جو نظام واضح نه ڪيو ويو ته پمپ مالڪن ۽ صارفين وچ ۾ تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو.
آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين همايون خان چيو آهي ته کين حڪومت طرفان پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي واري پيڪيج بابت تفصيل معلوم ناهن.
هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت پمپ مالڪن کي واضح طريقيڪار نه ٻڌايو ته صارف ۽ پيٽرول پمپ مالڪ پاڻ ۾ تڪرار ڪري سگهن ٿا.
ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري نعمان بٽ جو چوڻ آهي ته حڪومت سبسڊي جو اعلان ته ڪري ڇڏيو آهي، پر اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته صارفين کي ڏنل سبسڊي جي رقم پيٽرول پمپ مالڪن کي واپس ڪيئن ادا ڪئي ويندي.
سندس موجب پمپ مالڪن لاءِ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته سبسڊي جي رقم جي تصديق، دعويٰ ۽ واپسي جو مڪمل نظام ڪهڙو هوندو.
واضح رهي ته حڪومت موٽرسائيڪلن، رڪشا، چنگچي ۽ 800 سي سي تائين گاڏين لاءِ پيٽرول تي في ليٽر 100 رپين جي رليف جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي عملدرآمد جي شروعات اسلام آباد کان ڪئي وئي آهي.
حڪومتي رليف جو مقصد پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن سبب عام شهرين تي پوندڙ مالي بار گهٽائڻ ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته پمپ اونرز طرفان رليف جي عملي طريقيڪار ۽ رقم جي واپسي بابت وضاحت جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
پمپ مالڪن جو چوڻ آهي ته رليف پيڪيج تي عملدرآمد کي بنا تڪرار جاري رکڻ لاءِ حڪومت کي سبسڊي جي ادائيگي ۽ پمپ مالڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو نظام واضح ڪرڻو پوندو.