ڪراچي: (بيورو رپورٽ) مير رضا ڪيس جي عدالتي ڪميشن ۾ پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته مير رضا جي نڪ جي هڏي ٽٽل هئي ۽ مٿي جي پوئين حصي تي سخت شيءِ لڳڻ جو نشان موجود هو. ڊاڪٽر موجب اهي زخم موت کان اڳ جا هئا، جڏهن ته جسم تي ڪيميڪل سان ساڙڻ جا نشان به مليا هئا.
مير رضا ڪيس جي عدالتي ڪميشن آڏو پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي اهم تفصيل سامهون آندا آهن.
ڊاڪٽر سميعه موجب مير رضا جي سر جي پوئين حصي تي سخت شيءِ لڳڻ جو نشان هو، جڏهن ته سندس نڪ جي هڏي به ٽٽل هئي. ڊاڪٽر چيو ته اهي زخم مير رضا جي موت کان اڳ جا هئا ۽ ان وقت لڳا جڏهن هو زنده هو.
پوليس سرجن موجب مير رضا جي چهري جي ڊي ڪمپوزيشن جسم جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ مختلف هئي، جڏهن ته سندس هٿن ۽ پيرن تي ڪيميڪل سان ساڙڻ جا نشان پڻ موجود هئا.
ڊاڪٽر سميعه ٻڌايو ته مير رضا جي سيني تي موجود نشان کي شروعاتي طور گولي لڳڻ جو پوائنٽ قرار ڏنو ويو، جيڪو غلط هو.
سندس موجب مير رضا کي لڳل گولي سبب پسليون فريڪچر ٿيون ۽ ڦڦڙن ۽ دل کي نقصان پهتو. رپورٽ موجب گولي پوئين پاسي کان داخل ٿي دل جي طرفان ٻاهر نڪتي.
ڊاڪٽر سميعه وڌيڪ ٻڌايو ته مير رضا جي شرٽ مان هائيڊرو ڪلوريڪ ايسڊ مليو، جڏهن ته جسم تي ڪيميڪل سان ساڙڻ جا نشان به موجود هئا.
پوليس سرجن چيو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪيميڪل ٽارچر جو ڪيس ڏٺو آهي.
ڊاڪٽر سميعه موجب ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته جڏهن مير رضا کي گولي لڳي، ان وقت سندس جسم ۾ اينسٿيزي موجود هئي.
پوسٽ مارٽم بابت ڊاڪٽر ٻڌايو ته رپورٽ ۾ صرف اها ڄاڻ شامل ڪئي وئي، جن تي سمورن ميمبرن جو اتفاق هو.