پرٿ: (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ ويسٽرن آسٽريليا جي مشهور آل رائونڊر ڪيمرون گرين پنهنجي ڊگهي عرصي واري ساٿي ايملِي ريڊوڊ سان شادي ڪري ورتي، جنهن جون خوبصورت تصويرون ٻنهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون آهن.
27 ورهين جي ڪيمرون گرين ۽ ايملِي ريڊوڊ جي شادي واري تقريب ڪوٽسلو جي سوڪ سينٽر گرائونڊز ۾ منعقد ٿي، جتي ڪرڪيٽر روايتي ڪاري ٽڪسيڊو جڏهن ته ايملِي اڇي ڪنوار واري لباس ۾ نظر آئي.
شادي جي تقريب کانپوءِ دوستن ۽ خاندان جي ماڻهن نئين شادي شده جوڙي کي گلن جي ورکا سان رخصت ڪيو، جڏهن ته بعد ۾ ٻنهي گڏجي رقص پڻ ڪيو.
ڪيمرون گرين ۽ ايملِي ريڊوڊ تقريباً 5 سالن کان هڪ ٻئي سان رشتي ۾ هئا. ٻنهي فيبروري 2025ع ۾ مڱڻي جو اعلان ڪيو هو.
رپورٽن موجب ڪيمرون گرين يالنگپ ۾ ايملِي کي شادي جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي پنهنجي رشتي کي نئين مرحلي ۾ داخل ڪيو.
ايملِي ريڊوڊ ماهرِ غذائيت ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردياڻي آهي.
ڪيمرون گرين آسٽريليا طرفان هيل تائين 39 ٽيسٽ ميچون کيڏي چڪو آهي ۽ کيس ملڪ جي اهم آل رائونڊرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
ڪيمرون گرين کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ آسٽريلوي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي.
شادي کانپوءِ هاڻي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسي کان اڳ گرين پنهنجي زندگي جي نئين سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.