پنجاب ۾ سانوڻي برساتن جو نائون ۽ آخري اسپيل شروع ٿيڻ جو امڪان، شھري ٻوڏ جو خدشو

فہرستِ مضامین

لاهور(ويب ڊيسڪ): پنجاب ۾ مون سون برساتن جو نائون ۽ آخري اسپيل اڄ کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي شهري علائقن ۾ پاڻي بيهڻ ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب 12 کان 17 سيپٽمبر تائين پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ برساتن جو امڪان آهي.

اڳڪٿي موجب راولپنڊي، جهلم، چڪوال، تلہ گنگ ۽ اٽڪ ۾ برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته لاهور، سيالڪوٽ، شيخوپوره، نارووال، منڊي بهاوالدين، گوجرانوالا، گجرات، وزيرآباد ۽ حافظ آباد ۾ پڻ ڪڪر وسڻ جو امڪان آهي.

ان کان علاوه قصور، اوڪاڙا، ننڪاڻا صاحب، سرگوڌا، خوشاب ۽ نورپور ٿل ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ميان والي، فيصل آباد، جهَنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، ليه، ڀڪر، ساهيوال، ڊي جي خان ۽ ملتان ۾ پڻ برساتون متوقع آهن.

مري، گليات ۽ ٻين جابلو علائقن ۾ برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.

ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد ۾ شهري ٻوڏ يعني اربن فلڊنگ جو خدشو موجود آهي.

اختيارين کي برساتن دوران هيٺاهين وارن علائقن، نيڪال جي نظام ۽ جابلو علائقن ۾ صورتحال تي خاص نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں