برمنگھم (اسپورٽس ڊيسڪ) برمنگھم ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ پاڪستاني فاسٽ بالر رضا الله پنهنجي بي مثال بيٽنگ سان نه رڳو پاڪستان کي اننگز جي شڪست کان بچائي ورتو، پر ٽيسٽ ڊيبيو تي ڪيترائي رڪارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪري ورتا. رضا الله انگلينڊ خلاف ٻي اننگز ۾ نائين نمبر تي بيٽنگ ڪندي صرف 63 بالن تي 81 رنز جي شاندار اننگز کيڏي.
43 بالن تي ففٽي، نئون پاڪستاني رڪارڊ
رضا الله انگلينڊ خلاف پنهنجي ففٽي صرف 43 بالن تي مڪمل ڪئي، جنهن سان هو ٽيسٽ ڊيبيو تي تيز ترين نصف سينچري اسڪور ڪندڙ پاڪستاني بيٽر بڻجي ويو.
ان کان اڳ اهو رڪارڊ فهيم اشرف وٽ هو، جنهن 2018ع ۾ ٽيسٽ ڊيبيو تي 52 بالن ۾ 50 رنز ٺاهيا هئا.
9 ڇڪن سان عالمي رڪارڊ برابر
رضا الله پنهنجي 81 رنز جي اننگز دوران 9 ڇڪا هڻي ٽيسٽ ڊيبيو تي سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو عالمي رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
محمد عباس پڻ 42 رنز جي اننگز دوران 2 ڇڪا هنيا. برمنگھم ٽيسٽ ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نمبر 9 کان 11 تائين بيٽنگ ڪندڙ بيٽرز فاسٽ بالرن خلاف مجموعي طور 10 ڇڪا هنيا.
فاسٽ بالرن خلاف 8 ڇڪن جو منفرد ڪارنامو
رضا الله گذريل 15 سالن دوران هڪ ئي اننگز ۾ فاسٽ بالرن خلاف 8 ڇڪا هڻندڙ پهريون پاڪستاني بيٽر پڻ بڻجي ويو. گذريل 15 سالن ۾ ڪنهن به پاڪستاني بيٽر هڪ اننگز دوران فاسٽ بالرن خلاف ايترا ڇڪا نه هنيا هئا.
انگلينڊ خلاف ڊيبيو تي سڀ کان وڌيڪ رنز
رضا الله برمنگھم ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 11 رنز ٺاهيا هئا، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 81 رنز جي شاندار اننگز کيڏي. اهڙي طرح هو ٽيسٽ ڊيبيو تي انگلينڊ خلاف سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهيندڙ بيٽر پڻ بڻجي ويو.
پاڪستان 449 رنز تي آل آئوٽ
برمنگھم ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ پاڪستاني ٽيم 449 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ انگلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 130 رنز جو هدف مليو آهي.
ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ انگلينڊ کي اڳ ئي 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي، جڏهن ته پاڪستان لاءِ برمنگھم ٽيسٽ ۾ شڪست کان بچڻ جو چئلينج برقرار آهي.