ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ): پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته لارڊز ٽيسٽ کانپوءِ ٽيم ۾ ڪيل تبديليون سندس لاءِ به حيران ڪندڙ هيون ۽ اهي تبديليون سندس ڄاڻ، مشاورت يا منظوري کانسواءِ ڪيون ويون.
بابر اعظم موجب کيس ٽيم ۾ تبديلين جي خبر پي سي بي جي باضابطا بيان ذريعي پئي. موجوده سليڪشن جي نظام تحت ڪپتان جي حيثيت سان کيس اهڙي عمل بابت اڳواٽ آگاهه ڪيو وڃڻ گهرجي ها.
واضح رهي ته ان کان اڳ بابر اعظم چيو هو ته 7 رانديگرن کي ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ بابت پي سي بي ڪو سوچيل سمجهيل فيصلو ئي ڪيو هوندو.
انگلينڊ خلاف لارڊز ٽيسٽ ۾ 194 رنسن جي شڪست تي ڳالهائيندي بابر اعظم اعتراف ڪيو ته ٽيم ڪنهن به شعبي ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي پيش نه ڪئي.