لائیو سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪجهه دير ۾، مڪاني حڪومت ايڪٽ ۾ ترميمن سميت اڄ ڪهڙا اهم معاملا ايجنڊا تي آهن؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي (رپورٽ: شبير لاشاري): سنڌ حڪومت مڪاني حڪومت جي نظام کي وڌيڪ واضح ۽ مؤثر بڻائڻ لاءِ مڪاني حڪومت ايڪٽ 2013ع ۾ ترميمن جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2026ع اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. ترميمي بل کي سنڌ اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي.

ترميمي بل ۾ مڪاني ادارن جي ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اختيارن ۽ ذميوارين کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته مڪاني ڪائونسلن ۽ صوبائي کاتن وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ لاءِ به نيون شقون شامل ڪيون ويون آهن.

مسودي موجب مڪاني ڪائونسل جي مدت ختم ٿيڻ کان 120 ڏينهن اڳ مڪاني چونڊن جو عمل شروع ڪرڻ لازمي قرار ڏيڻ جي تجويز آهي.

جيڪڏهن وقت سر مڪاني چونڊون نه ٿي سگهن ته رٽائرڊ ميئر يا چيئرمين کي ايڊمنسٽريٽر طور ڪم جاري رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نئين چونڊيل ميئر يا چيئرمين جي عهدو سنڀالڻ تائين اڳوڻو نمائندو ايڊمنسٽريٽر طور ذميواريون نڀائيندو.

ترميمي بل ۾ يونين ڪائونسل ۽ يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ بابت پڻ شقون شامل ڪيون ويون آهن. بي اعتمادي واري قرارداد ٻن ڀاڱي ٽن اڪثريت سان منظور ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ان کان علاوه ڊپٽي ميئر ۽ وائيس چيئرمين کي لاڳاپيل ڪائونسل جو ڪنوينر مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي. ڪنوينر ڪائونسل جي اجلاسن جي صدارت ڪرڻ سان گڏ اجلاس جي ڪارروائي کي منظم ڪندو.

ترميمي مسودي ۾ ڪراچي ۽ مستقبل ۾ قائم ٿيندڙ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز جي چيف ايگزيڪيوٽو لاءِ ميٽروپوليٽن ڪمشنر جو عهدو رکڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.

مقامي سطح تي تڪرارن جي حل لاءِ يونين، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽي سطح تي مصالحتی فورمز قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جن ۾ ٽن معزز مصالحتڪارن کي شامل ڪيو ويندو.

انهن فورمز ذريعي مقامي برادري وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن کي ٻنهي ڌرين جي باهمي رضامندي سان حل ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں