ڪراچي (بيورو رپورٽ): پاڪستان پوليو کان بچاءُ واري پروگرام ۾ فرنٽ لائن پوليو ورڪرز لاءِ اهم قدم کڻندي سندن روزاني معاوضي ۾ 28 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، معاوضي ۾ ڪيل اھا واڌ ايندڙ پوليو مهم کان لاڳو ٿيندي.
نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (نيشنل اي او سي) موجب فرنٽ لائن پوليو ورڪرز جي روزاني معاوضي ۾ 28 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نئون معاوضو ايندڙ پوليو مهم کان لاڳو ڪيو ويندو.
ترجمان موجب ايندڙ قومي پوليو جي خاتمي واري مهم 21 کان 27 سيپٽمبر تائين ملڪ جي 115 ضلعن ۾ هلائي ويندي.
مهم دوران ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
نيشنل اي او سي موجب پوليو ورڪرز جي معاوضي ۾ واڌ جو مقصد فرنٽ لائن عملي جي خدمتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ واري مهم کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي.