ويانا (انٽرنيشنل ڊيسڪ): آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا جي هڪ عجائب گھر مان 600 کان وڌيڪ هيرن سان سينگاريل تاريخي ۽ قيمتي هار چوري ٿي ويو آهي. پوليس موجب ٻہ شڪي ماڻهو نمائش لاءِ رکيل هار جو شيشو ٽوڙي هار کڻي فرار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ٻنهي جي گرفتاري لاءِ بين الاقوامي سطح تي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. چوري ٿيل هار مصر جي اڳوڻي شاهي خاندان سان لاڳاپيل هو ۽ 1939ع ۾ ايران جي اڳوڻي بادشاهه محمد رضا پهلوي جي شادي جي موقعي تي پاتو ويو هو.
آسٽريا جي ويانا ۾ واقع ميوزيم آف اپلائيڊ آرٽس (MAK) مان لکين ڊالرن جي ماليت وارو تاريخي هيرن جو هار چوري ٿي ويو آهي.
ويانا پوليس موجب ٻن شڪي ماڻهن خميس ڏينهن منجهند ڌاري عجائب گھر ۾ داخل ٿي نمائش ۾ رکيل هار جي شيشي واري ڪيس کي ٽوڙيو ۽ پلاٽينم ۽ 600 کان وڌيڪ هيرن سان ٺهيل هار کڻي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب ٻنهي شڪي ماڻهن نمائش جو ٽڪيٽ خريد ڪيو هو. واقعي وقت انهن مان ڪجهه لمحن لاءِ چهرا ڍڪيل نه هئا، جنهن سبب سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ سندن تصويرون محفوظ ٿي ويون.
پوليس ٻنهي شڪي ماڻهن جون تصويرون جاري ڪندي عوام کان سندن سڃاڻپ يا موجودگي بابت ڪنهن به ڄاڻ جي صورت ۾ اطلاع ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.
هار جي تاريخ به انتهائي اهم

چوري ٿيل هار مصر جي راڻي نازلي جو هو، جنهن اهو هار 1939ع ۾ پنهنجي ڌيءَ فوزيه جي ايران جي ان وقت جي ولي عهد محمد رضا پهلوي سان شادي جي موقعي تي پاتو هو.
هار ۾ لڳل هيرن جو مجموعي وزن 200 ڪيريٽ کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جي اندازي مطابق ماليت 40 لک ڊالر کان وڌيڪ آهي.
هي هار اڳوڻي مصري شاهي خاندان لاءِ تيار ڪيو ويو هو ۽ مشهور زيورن جي ڪمپني وان ڪليف اينڊ آرپلز جي نمائش جو حصو هو، جيڪا سيپٽمبر تائين ويانا جي عجائب گھر ۾ جاري رهڻي هئي.
پوليس کي هٿياربند چوري جو شڪ
ويانا پوليس موجب، شڪي ماڻهن مان هڪ وٽ ممڪن طور اصلي آتشين هٿيار به موجود هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته هار تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ جوابدار عجائب گھر جي ڏکڻ طرف واقع ويانا شٽاٽ پارڪ جي رخ ۾ فرار ٿيا.
پوليس جا تربيت يافته ڪتا ويانا ۽ لوئر آسٽريا جي مختلف علائقن ۾ شڪي ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن، جڏهن ته فرانزڪ ماهر واقعي واري هنڌ تان مليل ثبوتن ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز جو جائزو وٺي رهيا آهن.
عجائب گھر انتظاميا جو ردعمل
ميوزيم آف اپلائيڊ آرٽس جي جنرل ڊائريڪٽر لِلي هولائن چيو آهي ته ايتري وڏي ماليت واري زيور جي چوري عجائب گھر لاءِ وڏو ڌڪ آهي.
سندس موجب، نمائش کان اڳ وان ڪليف اينڊ آرپلز سان گڏجي خاص حفاظتي منصوبو تيار ڪيو ويو هو ۽ سيڪيورٽي معاملن کي انتهائي سنجيدگي سان ورتو ويو هو.
لِلي هولائن چيو ته هٿياربند چوري دوران عملي پرسڪون انداز اختيار ڪيو ۽ مقرر ڪيل حفاظتي طريقيڪار تي عمل ڪيو، جڏهن ته واقعي ۾ ڪو به شخص زخمي نه ٿيو.
يورپ جي عجائب گهرن ۾ چوري جا وڌندڙ واقعا
ويانا مان هار جي چوري اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن يورپ جي مختلف عجائب گهرن مان قيمتي زيورن، نوادرات ۽ مشهور پينٽنگز جي چوري جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن.
رپورٽن موجب تازو ئي اسپين جي هڪ عجائب گھر مان قديم زيورات ۽ نوادرات جو ذخيرو چوري ڪيو ويو، جڏهن ته سسلي جي هڪ عجائب گھر مان نشاۃ ثانيه واري دور جون چار پينٽنگز پڻ چوري ٿيون.
ان کان اڳ فرانس جي پيرس ۾ لوور عجائب گھر مان پڻ قيمتي زيورن جي وڏي چوري ٿي هئي.
يورپي پوليس اداري يوروپول موجب، عجائب گهرن ۾ چوري جون وارداتون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرتشدد ٿينديون پيون وڃن ۽ انهن ۾ زور زبردستي جو استعمال پڻ وڌي رهيو آهي.
عجائب گھر ٻيهر کوليو ويو
واقعي کانپوءِ ويانا جو ميوزيم آف اپلائيڊ آرٽس ٻيهر عوام لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهن ته چوري ٿيل قيمتي هار جي ڳولا ۽ شڪي ماڻهن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي جاچ جاري آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته فرانزڪ ثبوت، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻين ذريعن جي مدد سان جوابدارن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.