واشنگٽن/تھران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف نون ۽ وڌيڪ سخت فوجي حملن جا اشارا ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا جو مقصد ايران کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ آهي، جڏهن ته ايران به آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ فوج کي ايران تي تازن حملن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل گڏيل طور ايران جي توانائي وارين تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهي حملا هفتي جي پڄاڻي تي ڪنهن به وقت شروع ٿي سگهن ٿا ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. بهرحال، آمريڪي حڪومت يا وائيٽ هائوس طرفان ان دعويٰ جي باضابطه تصديق سامهون ناهي آئي.
ڪابينا جي اجلاس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران تي ڀرپور فوجي حملا ڪندو، جن جو مقصد ايران کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته ايران مسلسل اشتعال انگيزي ڪري رهيو آهي ۽ ايراني قيادت واعدن تان ڦري وڃي ٿي، جنهن سبب ڪنهن به ممڪن معاهدي تي اعتماد گهٽجي رهيو آهي.
ٽرمپ چيو ته آمريڪا صرف فتح چاهي ٿو ۽ آمريڪي حملن سبب ايران جي بحريه، فضائيه ۽ هوائي دفاعي نظام کي سخت نقصان پهتو آهي. هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي هٿيار هجن ها ته سڄو وچ اوڀر تباهي جي ور چڙهي وڃي ها.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران تي سخت حملا جاري رهندا ۽ هڪ وقت اهڙو ايندو، جڏهن ايران پاڻ وڌيڪ مزاحمت يا برداشت نه ڪري سگهندو.
ٻئي طرف ايران جي خاتم الانبيا بريگيڊ جي اعليٰ ڪمانڊر ميجر جنرل علي عبداللهي آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جارحيت ڪري ڀڄڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ ڪنهن به غلط اندازي تي ٻڌل فوجي ڪارروائي جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ ان جا ساٿي هاڻي سمجهي چڪا آهن ته جنگ جي ميدان ۾ سندن فوجي سامان سان گڏ ڪفن به ضروري هوندو آهي. ايراني خبر ايجنسي تسنيم موجب علي عبداللهي چيو ته ايراني فوج وٽ نه رڳو مڪمل فوجي صلاحيت موجود آهي، پر هر ممڪن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ مضبوط ارادو پڻ موجود آهي.
آمريڪا ۽ ايران جي تازي بيانبازي ۽ ممڪن فوجي قدمن سبب وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر انتهائي خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رهي آهي.